عبدالستار ڏيرو

عبدالستار ڏيرو

عبدالستار ڏيرو

عبدالستار ڏيرو: هيءُ قنبر تعلقي سان واسطو رکندڙ سنڌ جو مشهور ڪامورو آهي. عبدالستار ولد غلام حيدر ڏيرو پهرين جنوري 1952ع تي ڳوٺ غلام حيدر ڏيري، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ بٺي مان پرائڻ کان پوءِ مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر، انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۽ انجنيئرنگ (سول) ۾ گريجوئيشن (بِي اِي) 1975ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. عبدالستار ڏيرو پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ 1975ع ۾ ئي انجنيئر مقرر ٿيو، جتي ڏهه سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ 89-1985ع دوران گوادر پورٽ تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو. 1989ع ۾ کيس ترقي ملي ۽ هُو پورٽ قاسم تي ميمبر آف بورڊ براءِ لئنڊ ۽ اسپيشل پراجيڪٽ مقرر ٿيو، جنهن دوران هن 21 هزار ايڪڙ زمين ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي صنعتي ڪمن لاءِ تيار ڪري ڏني. ان عهدي تي هن 1992ع تائين ڪم ڪيو. جنوري- اپريل 1993ع ۾ هُو پورٽ قاسم ۾ سيڪريٽري، 94-1993ع ۾ ٻيهر ميمبر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ پورٽ قاسم، 99-1997ع پرنسپل ايگزيڪيوٽوِ ايڊمنسٽريشن رهيو ۽ 1999ع کان وٺي ڊائريڪٽر جنرل طور پورٽ قاسم تي مقرر رهڻ کان پوءِ رٽائر ٿيو. هو انيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي اهم، ٽريننگس، سيمينارن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. کيس جيڪي سرٽيفيڪيٽ وغيره مليا آهن، تن ۾ پاڪستان انجنيئرس ڪائونسل، چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽ انگلنڊ، پورٽ پلاننگ سب ڪاميٽي آف انٽرنيشنل ايسوسيئيشن جاپان، ميمبر ڊريجنگ ٽاسڪ فورس سب ڪاميٽي جاپان، آمريڪن بايوگرافيڪل اسنٽيٽيوٽ پاران انٽرنيشنل ڪلچرل ڊپلوما آف آنر ۽ ‘فائيوِ هنڊريڊ ليڊرس آف انفلوئنس’، انگلئنڊ بايوگرافيڪل اسنٽيٽيوٽ، ڊپٽي گورنر ريسرچ ايسوسيئيشن وغيره شامل آهن. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.


لفظ عبدالستار ڏيروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.01.01  عيسوي

عبدالستار ولد غلام حيدر ڏيرو پهرين جنوري 1952ع تي ڳوٺ غلام حيدر ڏيري، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثقلين مشتاق
چوڌري رحمت علي
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
سترام داس سائل
سندر بوٽاڻي
پلي رحيم ڏنو
خواجه عبدالرحمان تارڪ طُريل
ديوان نرمل داس
امام راشدي
عبدالرب نشتر سردار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون